SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سُن زو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


سُن زو

Sun Tzu

سُن زو

”سُن وُو“ ”سُن زي“ يا ”سُن زو“ جي نالي سان مشهور هيءُ شخص، ڇهه صديون ق . م ۾”وُو“ جي علائقي ۾ بادشاهه ”هيليو“ جي دور ۾، چين جو ناميارو جنگي ماهر، عالم، ڏاهو ۽ جنرل ٿي گذريو آهي. سندس ڪتاب ”جنگي هنر“ (Art of War) دنيا جي حربي علمن ۾ بائيبل جو درجو رکي ٿو، جيڪو هر جنگي اداري، تحقيق ۽ اڀياس ۾ لازمي طور تي پڙهيو ۽ پڙهايو وڃي ٿو. خاص طور تي اڻويهين ۽ ويهين صديءَ ۾ جنگي سکيا جي مغربي ادارن ۾ انهيءَ ڳوڙهي اڀياس ۽ معلومات تي ٻڌل ڪتاب تمام گهڻي اهميت حاصل ڪري ورتي. هيءُ ڪتاب وقت گذرڻ سان گڏ جنگي علمن جي ماهرن کان سواءِ سياسي ليڊرن، ڪارباري حلقن ۽ چٽا ڀيٽيءَ ۾ رهندڙ ٻين بيشمار شعبن ۾ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. ”سُن زو“ جي خيال مطابق ڪنهن به جنگ کٽڻ لاءِ ضروري آهي، ته جنگي سرواڻ پنهنجي سموري حڪمت عمليءَ ۾ جاءِ، معروضي حقيقن، طبعي ماحول، دشمن جي ذهني رويي ۽ مقابلي ڪندڙ قوت جي صلاحيت جو درست اندازو لڳائي. سندس تعليم موجب جنگ، ڪاغذن تي پاتل ليڪن، نقشن، ٺهيل ٺڪيل فهرستن ۽ روايتي حڪمن جاري ڪرڻ سان نه پر بدلجندڙ حالتن جو درست انداز لڳائڻ، انهن حالتن مطابق پنهنجي رويي کي بدلائڻ ۽ جنگي رمزن کي تبديل ڪرڻ سان ئي کٽي سگهجي ٿي. اهڙن انقلابي جنگي خيالن سبب ”سُن زو“ پنهنجي رياست جي حاڪم ”هيليو“ کي نه رڳو هارايل جنگيون کٽرايون، پر آسپاس جي بادشاهن کي شڪست ڏيئي ”وُو“ جي اباڻي رياست کي،اوڀر چين ۾ هڪ سگهاري طاقت طور اُڀاريو. ”سُن زو“جو مٿي ڏسيل ڪتاب، جديد دور ۾ پهريون ڀيرو 1772ع ۾ فرانسيسي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو، جتان بعد 1905ع ۾ انگريزيءَ ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي ڇپيو. هن ڪتاب ويهين صديءَ جي جنگي ماهرن ۽ عالمن جا نه رڳو ڪپاٽ کولي ڇڏيا، پر ڪتاب ۾ لکيل جنگي اصولن تي عمل ڪندي، ڪمزور ۽ هيڻين قومن وڏين طاقتن کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. مبصرن جو خيال آهي ته ويٽنام ۾ ’جنرل گياپ‘ ۽ چين ۾ ’مائوزي تونگ‘ هن ڪتاب مان فائدو حاصل ڪندي عظيم سوڀون حاصل ڪيون. ان کان علاوه چوڻ ۾اچي ٿو ته فرانسيسي جنرل ’هينري بيرن جوميني‘ ( Henri Baron Jomini ) آمريڪا جي ’ڊگلس مئڪ آرٿر‘، فرانس جي ’نيپوليئن بونا پارٽ‘ ۽ جرمنيءَ جي ’ايڊالف هٽلر‘ جهڙين جنگي شخصيتن پڻ ”آرٽ آف وار “ ڪتاب مان لاڀ پرائيندي ڪاميابيءَ سان پنهنجون جنگيون وڙهيون ۽ ڪيترن موقعن تي هار کي سوڀ ۾ تبديل ڪيو


Remember Me Also:

لکي ڪيٽي

لَکِي ڪيٽِي

اسم خاص. تعلقي حيدرآباد ۾ هڪ ديهه جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal